نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت پاران غذائي کوٽ جون خبرون رد

نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت پاران غذائي کوٽ جون خبرون رد

اسلام آباد(بيورو)نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ملڪ ۾ ٻوڏ سبب خوراڪ جي کوٽ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت طرفان نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جو 153 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي.واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، جنهن کانپوءِ خبرون سامهون آيون ته ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو وڌي ويو آهي.ان حوالي سان عالمي جرنل جي هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب خوراڪ جي بحران جو خدشو آهي، هن وقت ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهي جڏهن ته 33 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. فوري مدد جي سخت ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو