واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٻه رياستي حل موجوده اسرائيلي حڪومت جي باوجود ممڪن آهي. بائيڊن اها ڳالهه اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي،صدر بائيڊن کان پڇيو ويو ته ڇا هو مڃي ٿو ته ٻه رياستي حل اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي اقتدار ۾ اچڻ سان ناممڪن آهي، جنهن تي آمريڪي صدر چيو ته ”نه، ائين ناهي،ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم غزه تي مسلط ڪيل جنگ جي خاتمي تي آزاد فلسطيني رياست جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو هو،نيتن ياهو چيو هو ته اسرائيل کي پوري خطي تي سيڪيورٽي ڪنٽرول جي ضرورت پوندي، جيڪو خودمختياري جي نظريي سان سڌي ٽڪراءَ ۾ آهي،بائڊن چيو ته هن نيتن ياهو جي هڪ آزاد فلسطيني رياست کي رد ڪرڻ تي پڻ بحث ڪيو،صدر بائيڊن چيو ته ٻه رياستي حل ڪيترن ئي قسمن جا ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ ڪجهه ملڪ گڏيل قومن جا ميمبر آهن پر انهن جي پنهنجي فوج ناهي،بائڊن چيو ته هو نٿو سمجهي نتنياهو ڪنهن به قسم جي ٻه رياستي حل جي خلاف آهي.










