ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ڪراچي جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر آغا سراج جي پراپرٽي ويليوئيشن جو ريڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چئن سالن کان نه ڪيس هلايو پيو وڃي ۽ نه وري ختم ڪيو پيو وڃي، پراپرٽي ويليوئيشن جو ريڪارڊ اڳ ئي جمع ڪرائي چڪا آهيون،هن جو چوڻ هو ته نيب ڪورٽ وارن کي مون سان شايد عشق ٿي ويو آهي جو نه ڪيس ختم ٿا ڪن ۽ نه وري ضمانت ٿا ڏين، حليم عادل شيخ نگران حڪومت جي قيام لاءِ وڏي وزير کي خط لکڻ بدران سامهون اچي،آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته سياسي ماڻهو ڪيسن کان نه ڊڄندا آهن، حليم عادل شيخ پنهنجن ميمبرز سان گڏ اچي ۽ نگران حڪومت بابت مشاورت ڪري










