نيب کي ڪجهه نه مليو ۽ برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيس: وزيراعظم

نيب کي ڪجهه نه مليو ۽ برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيس: وزيراعظم

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته هن قوم جا اربين روپيا بچيا، برطانيا ۾ ٿيل جاچ ۾ به بيگناهي ثابت ٿي آهي.لاهور جي خاص عدالت سينٽرل ۾ 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا.مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي برطانوي ٽيم جاچ ڪئي پر برطانيا ۾ ٿيل جاچ ۾ به سندس بي گناهه ثابت ٿيو، هو 2004ع ۾ پاڪستان آيو هو.جيڪڏهن حرام جا پيسا هجن هاته پاڪستان ڇو اچان ها، قوم جا اربين رپيا بچايا. هن چيو ته نيب ۽ اين سي اي جاچ ڪئي ۽ اين سي اي کي پوڻن 2 سالن جي جاچ ۾ ڪجهه نه مليو، مان سندس مائٽ ناهيان، پوڻي 2 سالن جي جاچ ۾ هڪ رپي جي ڪرپشن نه ملي.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن مان ڪرپشن ڪريان ها ته هن عدالت آڏو پيش نه ٿيان ها.

پهنجو تبصرو موڪليو