نيب چيئرمين جي استعيفيٰ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ وڏو پيغام آهي: فواد

نيب چيئرمين جي استعيفيٰ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ وڏو پيغام آهي: فواد

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جي استعيفيٰ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ وڏو پيغام آهي، نيب چيئرمين جي استعيفيٰ فاشسٽ نظام جي خاتمي طرف وڏو قدم آهي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آفتاب سلطان پنهنجي ڪم ۾ مداخلت خلاف استعيفيٰ ڏني، چيئرمين نيب جي استعيفيٰ تحريڪ انصاف جي موقف جي واضح تائيد آهي، مان پنجاب ۾ مداخلت لاءِ مقرر ڪيل 22 آفيسرن کي چوان ٿو ته هو پاڻ کي هن نظام کان لاتعلق ڪن، اهو ئي ملڪ ۽ بيوروڪريسي ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. فواد چوڌري چيو ته پهرين ڏينهن کان چوندا رهيا آهيون ته احتساب جي نظام کي تباهه ڪرڻ ڏوهارين جو بنيادي مقصد آهي اين آر او ذريعي اربين رپين جي چوري کي بچائڻ لاءِ نيب قانون ۾ انتهائي شرمناڪ ترميمون ڪيون. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياستي ادارا ڏوهارين جي اشارن تي کيڏڻ بدران آئين ۽ قانون جي بالادستي جو رستو اختيار ڪن، ڪٺ پتلي حڪومت جلد ختم ٿيندي، انشاءَ الله رياست ۽ عوام کي اڳتي وڌڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو