نيب پنجاب جي آبپاشي واري وزير کي طلب ڪري ورتو

نيب پنجاب جي آبپاشي واري وزير کي طلب ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب  پنجاب جي صوبائي وزير محسن لغاري کي به کنڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب نيب کنڊ اسڪينڊل جي جاچ مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 جي تحت ڪري رهيو آهي ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ وڏي حڪومتي شخصيتن جي طلبي جو سلسلو جاري آهي ۽ هن ڀيري نيب راولپنڊي پنجاب جي صوبائي وزير محسن لغاري کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن موجب محسن لغاري کي 4 مئي تي راولپنڊي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جتي  هن کان نيب جي گڏيل ٽيم جاچ ڪندي.ان حوالي سان محسن لغاري کي 2018 کان 2019 ۾ شوگر تي ڏنل سبسڊي ۽ ايڪسپورٽ جو اجازت نامو ڏيڻ جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. نيب گذريل هفتي ڪين ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽري آفيس جو دورو ڪري رڪارڊ حاصل ڪيو هو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيب راولپنڊي  پنجاب جي صنعت ۽ واپار واري وزير ميان اسلم اقبال کي 4 مئي تي طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو هو جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير خوراڪ سميع الله چوڌري کي به نيب راولپنڊي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو