اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف ۽ ان جي پٽن حمزه ۽ سلمان شهباز جا اثاثا منجمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب طرفان جيڪي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ان ۾ لاهور، چنيوٽ، هري پور ۽ ايبٽ آباد ۾ موجود ملڪيتن کي منجمند ڪرڻ جو چيو ويو آهي ۽ اهي حڪم ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ برقرار رهندا جنهن دوران نيب ان جي تصديق لاءِ لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪندو. ان سان گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته ڪنهن به اداري کي شهباز شريف جي جائيداد خريد يا منتقل ڪرڻ جو ڪو اختيار نه هوندو. احتساب جي قومي اداري طرفان 6 حڪم جاري ڪيا ويا جنهن ۾ شهباز شريف، حمزه ۽ سلمان شهباز جي الڳ الڳ جائيدادن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شهباز شريف ۽ ان جي ٻنهي پٽن ڪرپشن ڪيسن ۾گهربل آهن ۽ نيب طرفان ان خلاف تحقيقات جاري آهي. ان حوالي سان نيب طرفان چيو ويو آهي ته هن مهل تائين ان ٽنهي مسلم ليگ ن جي اڳواڻڻ خلاف حاصل ڪيل ثبوت اهي يقين ڪرڻ لاءِ ٺيڪ آهن ته شهباز شريف، سلمان ۽ حمزه شهباز ڪرپشن جي جرم ۽ ڪرپشن پريڪٽسز ۾ ملوث هيا. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ ان جي پٽن خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا ڪيس به آهن. نيب مطابق شهباز شريف لاهور، ايبٽ آباد ۽ هري پور ۾ ڪيتريون ئي جائيدادون پنهنجي گهروارين نصرت شهباز ۽ تهمينه دراني جي نالي تي حاصل ڪيون آهن جنهن کي هاڻي منجمند ڪيو ويو آهي جڏهن ته حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز به لاهور ۽ چنيوٽ ۾ جائيدادون ورتيون آهن جنهن کي پڻ نيب طرفان منجمند ڪيو ويو آهي. نيب پنهنجي حڪمن ۾ جن جائيدادن جي نشاندهي ڪئي آهي ان مان تقريبن رهائشي علائقن ۾ آهن. جيڪڏهن شهباز شريف جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هو قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر آهي پر ان خلاف صاف پاڻي ڪيس ۽ آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ۾ نيب جي تحقيقات ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي گذريل سال 5 آڪٽومبر تي آشيانه ڪيس ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو. هلندڙ سال جي فيبروري ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪندي ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کان علاوهه 11 جون 2019 ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز کي به قومي احتساب بيورو مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال شهباز شريف جا اثاثا منجمد ڪرڻ واري نيب حڪمن تي چيو آهي ته جن اثاثن کي شهباز شريف ڊڪليئر ڪيو آهي انهن کي سيل ڪرڻ زيادتي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مسلم ليگ ن تي حڪومت جهڙي طرح مني لانڊرنگ، ڪرپشن جو هڪ به الزام ثابت ناهي ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح شهباز شريف جا اثاثا منجمند ڪرڻ ٺيڪ ناهي. هن چيو ته ماڊل ٽائون جي پراپرٽي شهباز شريف کي ورهاست ۾ ملي آهي. حڪومت جيڪڏهن سنجيده هجي ها ته پوءِ اپوزيشن سان اهڙو رويو اختيار نه ڪري ها. حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت قومي ادارن سان خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ سياسي درجه حرارت وڌائڻ چاهي ٿي.










