سکر(بيورو رپورٽ) نيب لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي کان سهيل انور سيال جي ملڪيتن جو رڪارڊ گهري ورتو آهي. نيب سکر طرفان لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ڏانهن ليٽر موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ کيس لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت هلندڙ هائوسنگ اسڪيمز ۾ سهيل انور سيال جي ملڪيتن جو رڪارڊ گهريو ويو آهي. نيب سکر ليٽر ۾ لکيو آهي ته سهيل انور سيال خلاف مني لانڊرنگ جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي، تنهن ڪري 9 جولاءِ تي سندس ملڪيتن جي حوالي سان رڪارڊ مهيا ڪيو وڃي. ليٽر ۾ گرين سٽي مين ايئرپورٽ روڊ، ڀٽائي ريزيڊنسي مين ايئرپورٽ روڊ، مريم ولاز مين ايئرپورٽ روڊم رايان ۽ شاياز سٽي اسڪيمز جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. ليٽر ۾ اُنهن 5 هائوسنگ اسڪيمز جي انتظاميا ۽ مالڪن جا تفصيل پيش ڪرڻ لاءِ به چيو ويو آهي.










