اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف ڪيترن ئي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هٿ ڪيل دستاويز موجب نيب ڪيترن ئي الزامن جي جاچ لاءِ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ سيڪريٽري آبپاشي کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. مراد سعيد ۽ ٻين خلاف ڪرپشن، رشوت ۽ غير قانوني ڀرتين جي جاچ لاءِ خط موڪليا ويا.نيب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري آبپاشي ۽ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کي نوٽيس جاري ڪندي 24 مئي تائين رڪارڊ طلب ڪري ورتو.نيب طرفان سيڪريٽري آبپاشي کي موڪليل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اداري کي سوات جي علائقي باغ ديري ۾ ترقياتي منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن جون شڪايتون مليون آهن، جنهن جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ باغ ڍيري ايريگيشن چينل تحصيل مٽياريءَ جي منصوبي جي لاڳت، بريفنگ ڏيڻ واري ڪانٽريڪٽرن، مالياتي خرچن ۽ منصوبي تي ٿيل خرچن جا مڪمل تفصيل طلب ڪيا ويا.نيب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، لائيو اسٽاڪ، آبپاشي کان مبينا غير قانوني ڀرتين بابت ڄاڻ گهري ورتي، نيب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کان مبينا ڪرپشن ۽ بدعنواني جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪيت فرنٽ مين حميد ۽ فضل مولا انهن ذريعن مان مليل رقم سان خريد ڪئي.










