نيب مريم نواز جي پيشي ملتوي ڪري ڇڏي، شڪريه پي ڊي ايم، مريم

نيب مريم نواز جي پيشي ملتوي ڪري ڇڏي، شڪريه پي ڊي ايم، مريم

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب لاهور پاران مريم نواز کي 26 مارچ تي مختلف ڪيسن م جاچ لاءِ مقرر ڪيل پيشي ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ واڌ جو سبب ڄاڻائي ملتوي ڪئي وئي آهي. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ هدايتن جو جائزو وٺڻ بعد عوامي مفاد ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. بيان موجب مريم نواز جاچ ۾ تعاون نٿي ڪري، گذريل ڀيري به هن جلوس آڻي نيب آفيس تي پٿراءُ ڪرايو ۽ ڊيوٽي ۾ رڪاوٽ وڌي. اهو عمل نيب قانون موجب وڏو ڏوهه آهي ۽ ان م 10 سالن تائين سزا ملي سگهي ٿي پر نيب صبر کان ڪم ورتو. نيب جو چوڻ آهي ته ايندڙ پيشي جي تاريخ جو فيصلو مناسب وقت تي بعد ۾ ڪيو ويندو. هوڏانهن مريم نواز چيو ته نيب عمران خان جي مخالفن کان انتقام جو ادارو بڻجي ويو آهي، نيب جو چهرو بينقاب ٿيو آهي ۽ اسين ان کي وڌيڪ بينقاب ڪنداسين. هن 26 مارچ تي صبح جو نائين وڳي پيشي وقت پي ڊي ايم جي وڏي جلوس سان پهچڻ جو فيصلو ملتوي ڪندي پي ڊي ايم اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو