سنڌ هاءِ ڪورٽ نثار کهڙو جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نثار کهڙو جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نثار احمد کهڙو جي 20 لک روپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ اهڙو فيصلو ٻڌايو. نثار کهڙو پاران فاروق نائڪ پيش ٿيو. ان کان اڳ نيب سکر پاران پي پي اڳوان نثار احمد کهڙو کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جاچ لاءِ طلب ڪڻ بعد نيب هٿان گرفتار ٿيڻ جي ڊپ سبب نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي. نثار کهڙو موقف اختيار ڪيو هوته نيب سکر آمدني کان وڌيڪ اثاثن سوڌو ٻين الزامن جي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي، خدشو آهي ته پيش ٿيڻ دوران نيب طرفان گرفتار ڪيو ويندو، نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو