لاهور: (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آشيانه ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ رمضان شگر مل ريفرنس ۾ وڏي وزير حمزا شهباز جي هڪ ڏينهن جي حاضري جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز ٻن مختلف ريفرنسز ۾ احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، آشيانه ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان معذرت جي درخواست داخل ڪئي وئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.ٻئي طرف رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ حمزه شهباز طرفان درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حمزه شهباز کي مون سون کي نظر ۾ رکندي اجلاس جي صدارت ڪرڻي آهي، تنهن ڪري هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.احتساب عدالت رمضان شوگر مل ريفرنس ۾ حمزا شهباز جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.










