نيب جي خط جو سوشل ميڊيا وسيلي پتو پيو،مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار چيو آھي تھ سرڪاري ملازمن بابت نيب جي خط جو سوشل ميڊيا ذريعي پتو پيو، نيب کي نوڪرين، مقررين ۽ بدلين ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته يقين آهي ته نيب چيئرمين خط معاملي کان اڻڄاڻ هوندو، سنڌ حڪومت نيب جي غير قانوني خط جي مذمت ڪري ٿي، عيد بعد قانوني رستو اختيار ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين، سنڌ جي وسيلن تي قبضو منظور نھ آھي، سڀ ڪجھ ميڊيا جي سامھون رکيو آھي، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيو ته بلاول بحريا ٽائون معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هٽائي جاچ شروع ڪرائي وئي آهي، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو