اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) جو نالو تبديل ڪيو ويندو. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب انتقام لاءِ ٺاهي وئي پر ڪنهن کان انتقام نه وٺنداسين. راڻا ثناءُ الله چيو ته احتساب ڪنهن به معاشري لاءِ تمام ضروري آهي، نيب رهندي پر نالو تبديل ڪيو ويندو.قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي استعيفيٰ بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته قاسم سوري کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جا 70 سيڪڙو ماڻهو استعيفيٰ نٿا چاهين.










