لاهور: (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جو بنيادي مقصد ڪرپشن جو خاتمو آهي، هٿن ۾ ڪشڪول جو وڏو سبب به ڪرپشن آهي. قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جن سان زيادتي ٿي انهن کي حق واپس ڏياريا وڃن ۽ 100 سوسائٽيون جيڪڏهن ڪم ڪري رهيون آهن ته انهن ۾ 86 سيڪڙو فراڊ آهي.هن چيو ته حڪومت ۽ رياست ۾ فرق آهي، نيب جون سموريون وفاداريون پاڪستان جي رياست لاءِ آهن. نيب جو بنيادي مقصد ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ اسان جي هٿن ۾ ڪشڪول جو به وڏو سبب ڪرپشن ئي آهي.جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو ته هڪ صاحب چيو ته اها ريڪوري ڪيڏانهن هلي وئي؟ جاويد اقبال چيو ته نيب الماڙي ناهي جتي پئسا پيل هجن پر 50 ارب کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته اهي ماڻهن جون امانتون آهن ۽ اسان ان جا ضامن آهيون جڏهن ته اسان جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ماڻهن جي عزت کي ڇيهو نه رسي. قانون ٺاهڻ نيب جو ڪم ناهي پر نيب واحد ادارو آهي جنهن جو مڪمل آڊٽ ٿي چڪو آهي. نيب چيئرمين چيو ته اختيارن جي استعمال ۾ رب جي سامهون جوابده آهيان. نيب 4 سالن دوران هڪ هزار 363 ارب روپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ڪئي.










