اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي شروع ٿي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جا باني وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن.وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو، پي ٽي آءِ جو باني شاهي نيري شرٽ ۽ ڳري نيري جينز پاتل آهي.سپريم ڪورٽ نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ مختصر وقفو ڪري ورتو.










