نياڻي کي انصاف ڏيو، مختلف شهرن ۾ احتجاج

نياڻي کي انصاف ڏيو، مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) پ ٽ الف جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملير ڪراچي ۾ اغوا بعد اجتماعي ڏاڍ جو نشانو بڻيل فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي (ب) جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. دادو  مان عزيز الله خاصخيلي موجب استادن علامه آء آء قاضي پارڪ کان دادو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بشرا راجپر جي انصاف لاءِ احتجاج ڪيو، مظاهرين کي خطاب ڪندي پ ٽ الف اڳواڻن امتياز علي لنڊ، غازي خان جمالي، منصور علي ڪلهوڙو، عنايت علي جمالي، پرديپ ڪمار، شمشاد علي جتوئي،مجيب الرحمان شاهاڻي، وسيم کوکر، لياقت ڀٽي عرفان علي زئونر عبدالڪريم ملاح ،شاهنواز ڪوريجو،۽ ٻين چيو بشرا راجپر سنڌ جي نياڻي آهي جن کي ڪراچي جي اوباش غنڊن ٽن ڏينهن کان اجتماعي ڏاڍائي ڪري ڪراچي جي روڊن تي مئل جانور جيان اڇلائي ويا جن کي فاهي ڏني وڃي. ***بدين مان مرتضي ميمڻ موجب ملير جي شاگردياڻي سان اجتماعي لڄالٽ خلاف پ ٽ الف بدين جي صدر نور محمد سومرو ۽ بهادر ٽالپر. درمحمد ڀرڳڙي سليم ترڪ آپا ڪوثر پروين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ غريب آباد کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ۽ شاھ لطيف روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو هنن سنڌ حڪومت ۽ انصاف ڏيندڙادارن کان گهر ڪئي ته نياڻي سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ درنده صفت ڏوهارين ڪي سخت سزا ئون ڏنيون وڃن. ***جوهي مان منصور گاڏھي موجب نياڻي سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. محمد امين جمالي؛ علي اڪبر لغاري؛ امين لغاري؛ محمد خان ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

Photo Sindhyar

***خيرپور ناٿن شاه مان برڪت علي چانڊيو  موجب پ ٽ الف تعلقه صدر علي گوهر پهنور جي اڳواڻي ۾ پ ٽ الف تعلقه ڪي اين شاه جي عهديدارن ۽ ميمبرن نذير احمد گاڏھي. ذاڪرحسين گاڏھي. منير احمد چانڊيو. بخت علي چانڊيو ۽ ٻين استادن سنڌ جي نياڻي  بشرا راڄپر سان وحشي درندن پاران   ٿيل جنسي ڏاڍائي خلاف سخت احتجاج ۽  نعريبازي پڻ ڪئي . نوشھرو فيروز مان منظور ملڪ موجب پڊعيدن ۾ مسلم ليگ ن پاڪستان هيومن رائيٽس سياسي سماجي صحافي اڳواڻن ڊاڪٽر طالب راڄپر انصاف راڄپر  سينيئر صحافي آزاد ابراهيم رئيس فيصل راڄپر اختر آريجو طالب لاشاري عمر فاروق آرائين حفيظ راڄپر اسدالله راڄپر مختيار راڄپر شاهد لاشاري شاهد سومرو لقمان آرائين ضمير راڄپر آزاد مختيار بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصرت ڪئنال کان وٺي نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو