نيازي ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

نيازي ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدليه کي هاڻي ڄاڻڻ گهرجي ته سسلين مافيا ڇا آهي؟هن چيو ته پرڏيهي ايجنٽ عمران خان پاڪستان ۽ ان جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي قومي ادارن ۽ رياستي رٽ کي چيلينج ڪري رهيو آهي، عمران نيازي ماڻهن کي تشدد، لاقانونيت، بغاوت ۽ فساد تي ڀڙڪائي رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو.ٻئي طرف پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان پاڻ کي احتساب ۽ قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، جج کي کليل ڌمڪين تي عدالتي ڪارروائي لازمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو