نو پارڪنگ ۾ بيٺل بائيڪس جون تصويرون ڪڍي چالان جو حڪم

نو پارڪنگ ۾ بيٺل بائيڪس جون تصويرون ڪڍي چالان جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه حڪم ڏنو آهي ته نو پارڪنگ ايرياز ۾ پارڪ ٿيل موٽرسائيڪلون نه کڻجن.ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ڪنهن به حالت ۾ موٽرسائيڪلون نه کڻو ۽ ان حوالي سان هڪ واضح پاليسي ڏني وئي آهي.هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي موٽرسائيڪل غلط جاءِ تي پارڪ ڪري ٿو ته موٽرسائيڪل کڻڻ بدران ٽريفڪ اهلڪار ان کي زنجير ۽ لاڪ ڪن ۽ روبو ڪار اهلڪار کي فون ڪري تصوير ڪڍرائي چالان جاري ڪن.ڊي آءِ جي ٽريفڪ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن موٽرسائيڪل تي نمبر پليٽ نه آهي ته ان کي کڻي وڃڻو پوندو، ان کي نمبر پليٽ لڳڻ تائين نه ڇڏڻو پوندو ۽ اهڙن ڪيسن جي رپورٽ مون کي موڪلي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو