بيروزگاري سبب آپگهات،ڪرنٽ سبب نوجوان فوت

ڪنڌڪوٽ /( غالب  بلوچ، عرفان سومرو) بي روزگاري کان تنگ ٿي 25 سالن جي نوجوان ڪنڏ ڪوٽ ۾ خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو انجھائي ڇڏيو، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ڪنڌڪوٽ گلشير محلي جي رھواسي 25سالن جي نوجوان نصرالله چني پاران گھروارن سان اڻ بڻت ٿيندي پاڻکي ڇت جي پکي ۾ ٻڌي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي گھر ۾ قيامت برپاڪري ڇڏي. نوجوان بابت ٻڌايو پيو وڃي ته تازو ڄام شورو يونيورسٽي مان انجينئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ملڻ ڪري فوٽواسٽيٽ ڪاپي جي دڪان تي مزدوري ڪندو ھيو. پوليس پاران لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعدلاش وارثن حوالي ڪيو ۽ لاش گھر۾ پھچڻ بعد روڄ ۽ راڙو پئجي ويو.

*** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب راجا فلور مل ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ پورهيت مظفر گڙهه واسي محمد جميل پٽ محمد اسحاق فوت ٿي ويو آهي جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو