نوٽيفڪيشن روڪڻ جو معاملو، درخواستگذار پيش نه ٿيو،اليڪشن ڪمشنر پاران ڪاوڙ

نوٽيفڪيشن روڪڻ جو معاملو، درخواستگذار پيش نه ٿيو،اليڪشن ڪمشنر پاران ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ضمني چونڊن ۾ عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ لاءِ داخل درخواست ۾ جوابدار جي پيش نه ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ناراض ٿي ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران درخواستگذار علي گوهر بلوچ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو.درخواستگذار جو جونيئر وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ چيو ته درخواستگذار لاهور ۾ آهي ان ڪري پيش نه ٿي سگهيو.چيف اليڪشن ڪمشنر درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته درخواستگذار کي ٻڌايو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته سندس درخواست رد ڪئي ويندي.بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو