نوشهروفيروز ۾ حادثو،هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز ۾ حادثو،هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز (ن س)سنڌ جي نوشهروفيروز ضلعي ۾ ٽرالر ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس اختيارين موجب، حادثو نانگو شاهه ويجهو قومي شاهراهه تي پيش آيو، جنهن ۾ تيز رفتاري سبب ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار ڇهه ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور زخمي ٿي پيو.پوليس چيو آهي ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪار ۾ سوار ماڻهو لاڙڪاڻي کان ڪراچي اچي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو