ڄامشورو (ن س) نوري آباد ڀرسان مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.مسافر ڪوچ بڪنگ ۾ ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه وڃي رهي هئي، جنهن ۾ موٽر وي تي نوري آباد ويجهو باهه لڳي، حادثي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون اتي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.پوليس موجب ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي نوري آباد ڀرسان مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي، باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.ذريعن موجب ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي.










