نورا فتحي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

نورا فتحي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا نورا فتحي کي 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب دهلي پوليس جو چوڻ آهي ته نورا فاتي کي مبينا ڀتا خور اسڪيش چندر شيڪر بابت ڪا به خبر نه هئي.اداڪارا جي ٽيم جو چوڻ آهي ته پوليس جو چوڻ آهي ته نورا فتحي ڏوهاري اسڪيش چندر شيڪر سان مني لانڊرنگ ۾ ملوث نه هئي ۽ نه ئي کيس ان بابت ڪا ڄاڻ هئي.اداڪارا جي ٽيم انڪشاف ڪيو آهي ته اڪنامڪ آفينسز ونگ (اي او ڊبليو) جي جاچ آفيسر موجب نورا کي ڀتا خوري جي خبر نه هئي، اداڪاره کي جيئن ئي محسوس ٿيو ته ڪجهه غلط آهي ته هن پوليس سان رابطو ڪيو.نورا فتحي جي ٽيم وڌيڪ چيو ته دهلي پوليس جي اڪنامڪ آفينس ونگ (اي او ڊبليو) اداڪارا جي ڪارروائين جي بنياد تي جاچ کي اڳتي وڌائيندي، ڪيس جي اڃا جاچ جاري آهي ۽ پوليس سمورن بيانن، حالتن ۽ ثبوتن تي غور ڪرڻ کانپوءِ ئي ڪندي. ڪرڻ سان حتمي نتيجو حاصل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو