ٺٽو (ن سنڌيار) 3 سال اڳ ڌاٻيجي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ڇَتوچنڊ واسي نوجوان مقتول نور خان هنڱورو قتل ڪيس جو فيصلو ماڊل ڪورٽ ٺٽي جي عدالت ٻڌائي ڇڏيو قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار تاج محمد لورو کي ڦاسي جي سزا ۽ ٻن جوابدارن اقبال پٺاڻ ۽ عبداللّٰه چارڻ کي عمر قيد ۽ 1-1 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ڦر جو الزام به ثابت ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي 7-7 سال وڌيڪ قيد واري سزا به ٻڌائي وئي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ بعد ضمانت تي آيل جوابدار اقبال پٺاڻ کي به تحويل ۾ ورتو ويو ٽنهي جوابدارن کي فيصلو ٻڌائڻ بعد سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻڻ جو حڪم مقتول نوجوان نور خان هنڱورو هڪ خانگي فرنچائيز ۾ ملازمت ڪندڙ ھو، جنهن کان ڌاٻيجي شھر ۾ ڏينهن ڏٺي هٿياربندن زوري لکين روپيا ڦر ڪئي مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا. ڪيس مقتول نوجوان نور خان هنڱورو جي ڀاءُ لال خان هنڱورو جي فرياد تي ڌاٻيجي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو فريادي ڌر پاران نوجوان وڪيل ديو پرڪاش ڪيس جي پيروي ڪئي










