سڪرنڊ (ن سنڌ يار) نامعلوم ماڻھن پاران مهڙ ڪالوني سڪرنڊ جي ڀرسان رهندڙ 22 سالن جي خانه بدوش نوجوان راشد ولد جاني راٺوڙ جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو.جنهن کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو، جتي سندس نازڪ حالت کي ڏسندي پي ايم يو نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. نوجوان راشد جي چاچي هاشم راٺور ٻڌايو ته راشد ضروري ڪم سان گهر کان ٻاهر ويو، جتان نامعلوم ماڻھو کيس جهنگ ۾ وٺي ويا ۽ سندس تيز ڌار اوزار سان سندس نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو.هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙو ڪڌو عمل ڇو ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پوليس واقعي بابت نامعلوم ماڻھن خلاف اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.










