نوجوانن جي پڙهائي لاءِ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي جي بجيٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي لاءِ بجيٽ ۾ خاص رقم رکي وڃي، بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم، پروفيشنل ٽريننگ ۽ باوقار روزگار جا قدم شامل ڪيا وڃن.وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي اعليٰ تعليم لاءِ پاڪستان انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي، شاگردن کي آئي ٽي سان آراسته ڪرڻ لاءِ مفت ليپ ٽاپ پروگرام شامل ڪيو وڃي، انڊومينٽ فنڊ مان اعليٰ ۽ پروفيشنل تعليم ۽ آئي ٽي ۾ مهارت جي تربيت ڏني وڃي.هن چيو ته اسڪالرشپس ۽ تعليم لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي عنصر کي بنيادي اهميت ڏني وڃي، آءِ ٽي جي بهتري لاءِ منصوبا بجيٽ ۾ شامل ڪيا وڃن.وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪسان پيڪيج تحت شروع ڪيل منصوبن کي جاري رکيو وڃي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.وزيراعظم چيو ته توانائي جي شعبي ۾ جدت لاءِ بجيٽ ۾ خاص رقم مختص ڪئي وڃي، جن منصوبن جي اهميت ختم ٿي وئي آهي انهن کي پي ايس ڊي پي جي دائري مان ڪڍيو وڃي.هن چيو ته بجيٽ ۾ صوبن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ اتحادي پارٽين جون تجويزون شامل ڪيون وڃن.اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص مددگار ملڪ احمد خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ جهانزيب خان شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو