نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيت ۽ عزم پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن

نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيت ۽ عزم پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدرِ مملڪت آصف علي زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نياپو ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيت ۽ عزم پاڪستان جو نهائيت قيمتي اثاثو آهن.صدرِ مملڪت چيو ته معيارِ تعليم، باکوش روزگار ۽ جدت نوجوان نسل جي مشترڪه خواهش آهي. نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ اصل ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل ۾ سرمايه ڪاري آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي تقريبن 67 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گھٽ عمر وارن ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوجوان ملڪ جو سڀ کان وڏو انساني سرمايو آهن.آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته نوجوان عورتن جون صلاحيتون ۽ قيادت ملڪ جي سماجي توڙي معاشي ترقيءَ لاءِ انتهائي ناگزير آهن. پرائم منسٽر يوتھ پروگرام ذريعي نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو