نواز شريف 15 سيپٽمبر تائين پاڪستان پهچي ويندو: جاويد لطيف

نواز شريف 15 سيپٽمبر تائين پاڪستان پهچي ويندو: جاويد لطيف

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته نواز شريف 15 سيپٽمبر تائين پاڪستان پهچي ويندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ جاويد لطيف چيو ته جيئن جيئن عمران خان جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي، تيئن تيئن سندس فريب عوام ۾ نمايان ٿي رهيو آهي، هاڻي عمران کي بچائڻ وارن سندس مٿي تان هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن.جاويد لطيف چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان عمران خان به نااهل ٿي ويندو ۽ سندس پارٽي تي به پابندي هوندي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪو نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو