نواز شريف جِي ملڪيت جِي نيلامي جو عمل شروع

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) احتساب عدالت جي حڪم تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت جي نيلامي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، شيخوپوره ۾ نواز شريف جي 11 ايڪڙ 4 مرله زمين اڄ نيلامي جي لاءِ پيش ڪئي وئي ۽ هن سلسلي ۾ جائيداد جي نيلامي لاءِ عدالتي حڪم پڙهي ٻڌايو به ويو، جڏهن ته جائيداد جي نيلامي دوران ٻه دعويدار سائل سامهون اچي ويا، دعويدار مختار حبيب ۽ نويد ناصر دعويٰ ڪئي ته هي زمين جي وراثتي مالڪ آهن ۽ زمين هنن جي آهي، جنهن ڪري نيلامي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، ان موقعي تي ضلعي انتظاميه زمين جي دعويدارن کي عدالت سان رابطو ڪرڻي جي هدايت ڪري ڇڏي، نواز شريف جي زمين جي نيلامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ماڻهن کي سڏيو پيو وڃي، ترجمان ضلعي انتظاميه شيخوپوره فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته 11 ايڪڙ 4 مرله جي نيلامي گڏيل طور ٿيندي، ضلعي انتظاميه جي طرفان نيلامي جو اشتهار به ڇپرايو ويو آهي، شيڊول ريٽ موجب في ايڪڙ جي قيمت 70 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ نيلامي سان حاصل ٿيندڙ رقم سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي، جڏهن ته ڪال ڊپازٽ جمع ڪرائڻ کانسواءِ واڪ ۾ شرڪت جي اجازت نه هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو