لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نوازشريف کي لنڊن پهچڻ کان پوءِ اسپتال موڪليو ويو جتي علاج کان اڳ ان جون ٽيسٽون ورتيون ويون. نوازشريف اڱاري جي رات لنڊن پهتو هو جنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي هو ڪجهه ڪلاڪ اسپتال ۾ رهيو ان دوران ان جون ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ بعد ۾ لنڊن واري گهر ڏانهن روانو ڪيو ويو. نوازشريف کي لنڊن ۾ موجود اين ايڇ ايس اسپتال آندو ويو جيڪا گائز اينڊ سينٽ ٿامس اين ايڇ ايس فائونڊيشن ٽرسٽ جو حصو آهي ۽ هيلٿ سائنسز جي تعليم ڏيڻ واري اداري ڪنگز جي پارٽنرشپ آهي. ان اسپتال ۾ صحت جو هڪ نجي شعبو موجود آهي جتي نوازشريف خون جي ماهر ڊاڪٽرن کي طبي مسئلن کان آگاهه ڪيو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن جا وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويندا تاڪه ڊاڪٽر علاج جي طريقيڪار جو فيصلو ڪري سگهن. ان حوالي سان خانداني ذريعن ٻڌايو ته نوازشريف ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ ان جي پليٽليٽس ۾ گهٽتائي سبب هو جلد ٿڪجي پوي ٿو. هنن اهو به ٻڌايو ته جڏهن ڊاڪٽر صحيح طريقي سان مڪمل ڏسي پوءِ علاج جو فيصلو ڪندا. واضح رهي ته وزارت داخلا طرفان نوازشريف کي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ هو شهباز شريف ۽ ذاتي ڊاڪٽر عدنان سان گڏ 19 نومبر تگي قطر ايئروي جي ايئر ايمبولنس ذريعي لنڊن پهتو هو. ياد رهي ته 21 آڪٽومبر تي نيب جي حراست ۾ چوڌري شوگر ملز ڪيس جي تفتيش کي منهن ڏيندڙ نوازشريف کي صحت تشويشناڪ صورتحال کان پوءِ لاهور جي سروسز اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي اها ڳالهه سامهون آئي ته ان جي خون جي رپورٽ تسلي بخش ناهي ۽ پليٽليٽس مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ۾ 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ويو هو جنهن جو سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز هيو. ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي مرض جي ابتدائي رپورٽ ٺاهي هئي جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر طاهر شمسي وڌيڪ تفصيلات فراهم ڪندي نوازشريف جي بيماري بابت ڄاڻايو هو ته ان جي بيماري جو نالو ايڪيوٽ اميون ٿرمبو سائيٽوپينيا (آءِ ٽي پي) آهي جنهن جو علاج ممڪن آهي.










