نواز شريف جي سزا معطل يا ختم ڪرڻ تي غور ڪريون پيا

نواز شريف جي سزا معطل يا ختم ڪرڻ تي غور ڪريون پيا

لاهور (م ڊ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ نواز وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وٽ موجود قانوني شقن تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا کي ختم يا معطل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت ٻنهي کي اختيار آهن ته اهي ڪنهن به جوابدار جي سزا کي رد يا معطل ڪن ۽ کين عدالت ۾ ٻيهر پنهنجو ڪيس وڙهڻ جو موقعو فراهم ڪن، جن ڪيس ۾ اڳ کين سزا ڏني وئي هجي. هن چيو ته هي قانون مسلم ليگ ن ۽ ٻين کي رليف ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿيو. هن چيو ته ميان نواز شريف، جيڪو لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني ۾ آهي جتي هو نومبر 2019ع ۾ علاج لاءِ ويو هو، پنهنجي صحت جي بنياد تي وطن واپسي بابت فيصلو ڪندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر کي حلف جو اختيار ڏيڻ لاءِ آئين ۽ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم يا وڏي وزير کي حلف کڻڻ جو اختيار لاڳاپيل ايوان جي پرزائيڊنگ آفيسر کي ڏنو وڃي. سندس چونڊ کان پوءِ اهو ڪم صدر يا گورنر تي نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته ان قدم جي ضرورت پنجاب جي بحران ۾ محسوس ڪئي وئي جنهن ۾ گورنر طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود حمزه شهباز جي حلف برداري تقريب کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته مستقبل ۾، وزيراعظم يا وڏي وزير جي چونڊ ڪرائڻ واري پرزائيڊنگ آفيسر کي اختيار هوندو ته هو مقابلي ۾ کٽيندڙ کي عهدي جو حلف کڻائي. قومي احتساب بيورو (نيب) کي ختم ڪرڻ بابت هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو سياسي طور تي نقصانڪار قدم هوندو. نيب جي موجوده چيئرمين کي وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سندس ملازمت ۾ واڌ يا ٻيهر مقرري جي ڪا به گنجائش نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو