لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.عمران خان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عدالت عمران خان جي درخواست تي 12 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواست ۾ عمران خان طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف اشتهاري آهي، پابندي باوجود سندس تقرير ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي.










