لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي ضمانت واري درخواست جي سماعت دوران سروسز اسپتال جي سربراهه ۽ نواز شريف جو علاج ڪندڙ طبي بورڊ جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمود اياز عدالت کي ٻڌايو ته سندس بهترين علاج هلي پيو ۽ جيڪا کيس بيماري آهي ان جو ملڪ ۾ علاج ممڪن آهي. هن چيو ته پليٽيليٽس کيس هڻون ٿا ته اهي ضايع ٿي وڃن ٿا. هن جي حالت اهڙي ناهي جو کيس سفر جي اجازت ڏيون ڇو ته بليڊنگ ٿي سگهي ٿي. نواز شريف ڪيس ۾ ڊاڪٽر عدالت ۾ نواز شريف جي ٿيل ٽيسٽ ۽ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ به پيش ڪئي. عدالت کيس چيو ته 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ جي صحيحن سان رپورٽ پيش ڪريو. ڊاڪٽرعدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف کي ڊينگي ناهي هن جي رت جا سفيد جزا گهٽ وڌ ٿين ٿا اسين کيس انجيڪشن ڏئي رهيا آهيون، رت گهاٽي ڪرڻ جي دوا نٿا ڏئي سگهون. نواز شريف جو ٻه ڀيرا دل جو آپريشن ٿيل آهي، هن کي شگر، بلڊ پريشر به آهي سندس وزن ٻن مهيني ۾ 5 ڪلو گهٽ ٿيو آهي. ميڊيڪل بورڊ ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ سندس چيڪ اپ ڪندو آهي. هن جو بون ميرو ٺيڪ هي ۽ کيس ڪينسر وغيره ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري شگر ملز ڪيس بابت احتساب عدالت جو رڪارڊ به پيش ڪيو ويو آهي ۽ عدالت 3 وڳي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ۽ پنجاب جي ايڊوڪيٽ جنرل جو موقف ٻڌڻ بعد چوڌري شگر ملز ۾ طبي بنياد تي سندس ضمانت منظور ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن ڪياني ۽ عامر فاروق جي عدالت به نواز شريف جي طبي بنياد تي ضمانت جي درخواست جي سماعت ڪئي. جنهن ۾ وڪيل، ڊاڪٽر، نيب، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندا پيش ٿيا. عدالت چيو ته قانون موجب نواز شريف کي ضمانت نٿي ملي سگهي طبي بنياد تي جائزو وٺي رهيا آهيون. عدالت وڌيڪ ڪاروائي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










