نواز الدين پنهنجي ڌيءَ کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار نواز الدين گهريلو مسئلن ۾ ڦاٿل پنهنجي ڌيءَ کي گهر واپس اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي اڄڪلهه پنهنجي خاندان سان ملڪيت جي تڪرار سبب سرخين ۾ آهي. گذريل ڏينهن سندس زال ۽ ٻارن کي گهر مان ڪڍيو ويو هو، ان حوالي سان سندس ڀاءُ شمس نواب الدين صديقي جو بيان سامهون آيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هن نواز الدين جي ڀاءُ شمس الدين سان رابطو ڪري عاليه صديقي ۽ سندس ٻارن جي موجوده صورتحال بابت سوال ڪيا. شمس الدين جو چوڻ هو ته سندس ڀيڻ ۽ ٻارن گذريل رات مائٽن جي گهر ۾ گذاري، پر هاڻي پوليس معاملي جي پاڻ جاچ ڪري رهي آهي، عاليه نواز ۽ ٻارن کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي. بنگلي جي مالڪي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوازالدين اهو بنگلو زباني طور تي پنهنجي والده جي نالي تي خريد ڪيو هو، ان تي ڪا به ڪاغذي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري قانوني طور تي هن بنگلي جو مالڪ نواز الدين ئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عاليا نواز الدين سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪو به جواب نه مليو، کيس اڪيلو گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ ٻين ماڻهن جي حوالي ڪرڻ کان سختي سان منع ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو