نواز  ۽  مريم لنڊن کان واپس ملڪ پهچي ويا

نواز ۽ مريم لنڊن کان واپس ملڪ پهچي ويا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان محمد نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملڪ واپس پهچي ويا آهن.نوازشريف 25 آڪٽوبر تي لاهور کان دبئي لاءِ روانو ٿيو هو. اڳوڻو وزيراعظم دبئي کان لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ جو دورو ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 7 نومبر تي جينيوا جي لاءِ رواني ٿي هئي، اها لاهور مان خصوصي جهاز ذريعي سوئزرلينڊ جي شهر جينيوا پهتي هئي.جينيوا ۾ مريم نواز پيراتهائيرائيڊ جي شڪايت سبب طبي معائنو ڪرايو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ترسڻ کان پوءِ هو لنڊن پهتي هئي جتي ميان نوازشريف اڳ ئي موجود هو.

پهنجو تبصرو موڪليو