نوازشريف ۽ زرداري جي بيماري ڀڄڻ جو بهانو هوندي آهي: شيخ رشيد

نوازشريف ۽ زرداري جي بيماري ڀڄڻ جو بهانو هوندي آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته قوم ڄاڻي ٿي ته نوازشريف ۽ زرداري جي بيماري ڀڄڻ جو بهانو هوندي اهي نوازشريف اچي نه اچي اهل ٿئي يا نااهل ڪو فرق نٿو پوي سماجي رابطي جي سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي جاري ڪيل پنهنجي سلسلي وار ٽوئتس ۾ شيخ رشيد چيو ته نوازشريف جي سعودي عرب ۽ لنڊن جون بيماريون سياسي رياڪاري آهي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ميثاق معيشت بدران ميثاق جمهوريت ڪري شفاف اليڪشن جي تاريخ طئي ڪري ۽ فيصلو قوم تي ڇڏي ڏي هن چيو ته 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ڄار ۾ اچي ويا آهن اليڪشن ۾ دير جمهوريت لاءِ موت ثابت ٿيندي سياسي ٽڪراءُ وڌي ويو ته سياستدان به نشاني تي هوندا اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته معيشت تباهه ڪندڙ سياستدانن جا اصل چهرا بي نقاب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو