اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ شيرين مزاري گهر ڪئي آهي ته مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ محمد نوازشريف ملڪ ۾ واپس اچي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي چئن مهينن ۾ جيڪو پاڪستان جو حشر ڪيو ويو آهي اهو ساڍن ٽن سالن ۾ نه ٿيو هو، اليڪشن ڪميشن ڌر، چيف اليڪشن ڪمشنر سياسي ايجندا تي ڪم ڪري رهيو آهي ايف آئي اي ڪنهن پابندي پيل فنڊنگ جي جاچ نٿو ڪري سگهي. هو پي ٽي آئي جو سمورو رڪارڊ ڪهڙي حيثيت سان گهري رهيو آهي؟ شهباز گل تي تشدد مذمت جوڳو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان کي نوٽيس ناهي ڏنو. اسان جا ماڻهو ويا ته چيو ته نوٽيس ويب سائيٽ تي هو جڏهن ته نوٽيس اتي به موجدونه هو اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آئي لاءِ 12 مارچ 2018 ۾ ٺهي هئي اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿو ته ماڻهو حقيقتون وساري ڇڏيندا هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڏني هئي ته سمورين سياسي پارٽين جا فنڊ ڏٺا وڃن واضح ٿيندو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن ڌرڀر آهي چيف اليڪشن ڪمشنر قانون جي دائري کان ٻاهر فيصلا ڪري رهيو آهي چيف اليڪشن ڪمشنر سياسي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيو آهي هن چيو ته ايف آئي اي پي ٽي ائي جو سمورو رڪارڊ ڪنهن حيثيت سان گهري رهيو آهي. هي قانون جي خلاف آهي، شهباز گل بابت اڳوڻي وزير چيو ته شهباز گل ريمارڪس لينڊلائن تي ڏنا ته پوءِ فون ڇو گهرجي؟ جيڪڏهن شهباز گل قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته مٿس ڪيس ڪريو هڪ شخص کي کڻي اڻڄاتل هنڌ تي رکي تشدد نٿا ڪري سگهو هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ به ڪوشش ڪئي وئي ته شهباز گل کي اڍيالا مان ڪڍي پمز آڻي مٿس تشدد ڪيو وڃي رانا ثناءُالله ڪجهه عقل ڪريو ان جي سموري ڄمار گنڊاگردي ۾ گذري آهي شهباز گل جي جسم تي تشدد جانشان آهن کيس پاڻي ناهي مليو. کيس ننڍ ڪرڻ ناهي ڏني وئي هن چيو ته شهباز گل جي ڊرائيور جي زال جو ڪهڙوڏوهه آهي رانا ثناءُالله اسان اوهان کان ڊڄڻ وارا نه آهيون ااسن انصاف جي حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون شيرين مزاري تيل اسمن جي قيمت وڌائڻ جي مذمت ڪندي چيوت ه مريم نواز روئي رهي آهي ته اسان نٿا مڃون منهنجو ڊيڊي نٿو مڃي، ڊيڊي پاڪستان اچي جيل جي سزا ڀوڳي پنهنجي ڀاءُ کي هتائي هو ڇو نٿو اچي ڪنهن روڪيو آهي هن محمد نوازشريف کان گهر ڪئي ته هو وطن واپس اچي ۽ اچي پنهنجي ڀاءُ کي وزيراعظم جي ڪرسي تان لاهي شيرين مزاري چيو ته اسان جو سفير ٻين ملڪن جي حساس علائقن ۾ نٿو وڃي سگهي اسان جي حڪومت ۾ وزيراعظم سان ڪوئي سفير نه ملندو هو هڪ پروٽوڪول هوندو آهي هن چيو ته آمريڪي سفير صوبن جي حڪومتن سان ملن ٿا ان ۾ ڪوئي مسئلو نه آهي حساس ايريا تي ڪنهن معاهدي تحت آمريڪي سير وڃي دورا ڪري ٿو هن چيو ته حڪومت اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏي ته پوءِ ڪائي ڳالهه ٻولهه ٿيندي چئن مهينن ۾ جيڪو پاڪستان جو حشر ڪيو ويو آهي اهو ساڍن ٽن سالن ۾ نه ٿيو هو.










