نوازشريف ضمانت م واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ وڌيڪ واڌ لاء  سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نواز شريف جي عبوري ضمانت 7 مئي تي ختم ٿي رهي آهي .هن درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته جيسين سپريم ڪورٽ سندس سزا خلاف اپيل بابت فيصلو ڪري تيسين سندس ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ کيس علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث احمد جي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل نظرثاني اپيل ۾ چيو ويوهو ته نواز شريف جيڪو دل جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ جيڪڏهن لنڊن ۾ سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن کان علاج نه ڪرايو ته کيس ناقابل برداشت نقصان ٿي سگهي ٿو. تنهن لاءِ ضروري آهي ته ضمانت ۾ واڌ ڪري پرڏيهه وڃڻ تي پابندي واري شرط تي نظر ثاني ڪئي وڃي، جيئن هو پراڻن معالجن کان علاج ڪرائي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو