نوازشريف جي تقرير تي پابندي واري درخواست رد

نوازشريف جي تقرير تي پابندي واري درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تقرير تي پابندي بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تقرير تي پابندي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته نوازشريف جي تقرير ميڊيا تي نشر ڪئي پئي وڃي. نوازشريف پنهنجي تقرير ۾ عدليه ۽ معزز ججز تي الزام تراشي ڪندو آهي. سمورن ٽي وي چينلز کي نوازشريف جي تقرير نشر ڪرڻ کان روڪيو وڃي.عدالت ريمارڪس ڏنا ته نوازشريف عدالت مان ضمانت حاصل ڪري رکي آهي. شهباز شريف به ضمانت تي آهي ته ڇا شهباز شريف جي تقرير تي پابندي به لڳائي ڇڏيون.عدالت هدايت ڪئي ته جن عدالتن مان نوازشريف کي ضمانت ملي آهي اوهان ان عدالت سان رابطو ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو