نوازشريف جون ملڪيتون20 مئي تي نيلام ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون شيخوپوره ۾ ضبط ٿيل ملڪيتون 20 مئي تي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي شيخوپوره ۾ ضبط ٿيل ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڊي سي شيخو پوره ٻولي جي تاريخ 20 مئي مقرر ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڊي سي شيخوپوره جي ٻولي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي.درخواست ڏيندڙ اشرف ملڪ جو چوڻ آهي ته شيخوپوره جي 88 ڪئنال ايراضي نوازشريف کان خريد ڪري چڪو آهيان. نوازشريف کي 75 ملين روپين جي ادائگي به ڪئي وئي آهي. پر نوازشريف جي گرفتاري سبب سيل ڊيڊ تي عمل نه ٿي سگهيو. سيل ڊيڊ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سول ڪورٽ سان رابطو ڪري رکيو آهي ان ڪري ڊي سي شيخوپوره کي زرعي ايراضي جي نيلامي کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو