پنوعاقل (سنتوش ڪمار ) نہ کپي نہ کپي نئون پاڪستان نہ کپي، کپي کپي ڀٽو وارو پاڪستان کپي، نامنظور نامنظور مهانگائي وڌائيندڙ بجيٽ نامنظور، اسان ڪٺ پتلي حڪومت خلاف نڪتا آهيون، پنوعاقل ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو عوام کي خطاب، بينظير بيروزگارن کي روزگار ڏنو،اسان بينظير ڀٽو جي ڪري پيرن تي بيٺل آهيون. اهڙو اظهار هن سکر کان سنڌ پنجاب جي سرحد تائين ڪڍيل جلوس دوران پنوعاقل پهچڻ تي خطاب دوران ڪيو. بلاول جي پنوعاقل پهچڻ تي ظفر ﷲ خان بلو، سردار علي گوهر خان انڍڙ، سردار سليم غني خان ڪلوڙ، ميان محمد عابد انڍڙ، ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو، ميان عبدالقوي انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن تي بلاول جو استقبال ڪيو ويو بلاول عوام کي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي غريب هارين کي حق ڏنا بينظير ڀٽو بيروزگارن کي روزگار ڏنو تڏهن نعرا لڳو تہ بينظير آئي گي روزگار لائي گي هن چيو تہ بينظير ڀٽو جو مشن کڻي ڪري نڪتا آهيون اسان غريب کي حق ڏنا آهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو آهي هن چيو تہ اسان اوهان جي معاشي حقن جي تحفظ لاءِ نڪتا آهيون توهان اسان سان گڏ آهيو تہ ڪائي بہ طاقت اسان جو رستو نٿي روڪي سگهي وڌيڪ هن جذباتي انداز ۾ چيو تہ نہ کپي نہ کپي نئون پاڪستان نہ کپي کپي کپي ڀٽو وارو پاڪستان کپي نامنظور نامنظور مهانگائي وڌائيندڙ بجيٽ نامنظور وڌيڪ هن خطاب ڪندي چيو تہ هن بجيٽ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي رهيو آهي هن بجيٽ ۾ غريبن لاءِ تڪليف ۽ اميرن لاءِ رليف آهي وڌيڪ هن وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تہ عمران خان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو آهي عمران حڪومت ڌانڌلي ڪري عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي هن عوام دشمن بجيٽ ۾ هر شيءِ مهانگي ڪري ڇڏي آهي عمران خان واعدو ڪيو هو تہ پنجاھ لک گهر ڏينداسين پر هن گهر ڏيڻ بدران غريبن کان گهر کسيا آهن عمران خان اھو بہ واعدو ڪيو هو تہ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس ڪوئي هڪ ماڻهو بہ ٻڌائي تہ هن کي عمران خان ڪا نوڪري ڏني هجي وڌيڪ هن چيو تہ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام لاءِ آواز اٿاريو بي زمين غريبن کي زمين ڏني نوجوانن کي روزگار ڏنو بينظير جي ڪري اڄ بہ ملڪ جي قبائلي علائقن کان بلوچستان تائين ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪري رهيون آهن اسان کٽپتلي حڪومت جي خلاف نڪتا آهيون جنهن کانپوءِ بلاول اڳتي روانو ٿي ويو.










