ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آڪٽوبر جي ننڍي چونڊ اسان جي لاءِ مڪاني چونڊن جي ٽيسٽ چونڊ ثابت ٿيندي اين اي 239 ۾ 340 پولنگ اسٽيشن تي هرهڪ پولنگ اسٽيشن تي انچارج بڻايو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن تڪ اين اي 239 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪوٺايل اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جو صدر جاويد شيخ، انفارميشن سيڪريٽري جاني ميمڻ، اين اي 239 جو اميدوار سيد عمران حيدر عابدي، پيپلزپارٽي شاهه فيصل ڪالوني ۽ ماڊل ٽائون جي يو سيز جا صدر، جنرل سيڪريٽريز ۽ انفارميشن سيڪريٽريز انهن يوسيز جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جا چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز جا اميدوار ۽ ٻيا عهديدار موجود هئا اجلاس ۾ 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اين اي 239 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته سمورين يوسيز جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز هن ننڍي اليڪشن کي پنهنجي مڪاني چونڊن جو ٽرائيل سمجي ان تي ڪم ڪن هن چيو ته 16 اڪٽوبر جي ننڍي چونڊ اسان جي لاءِ مڪاني چونڊن جي ٽيسٽ ڪليڪشن ثابت ٿيندي. سعيد غني چيو ته اين اي 239 ۾ 340 پولنگ اسٽيشن تي هرهڪ پولنگ اسٽيشن تي انچارج بڻايو ويندو اجلاس کي خطاب ڪندي وقار مهدي چيو ته جنرل ۽ ننڍي چونڊن جي ماحول ۾ تمام گهڻو فرق هوندو اهي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي هن تڪ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٺاهيل چونڊ آفيسن کي اين اي 239 جي چونڊ آفيسن ۾ تبديل ڪيو وڃي وقار مهدي چيو ته 16 آڪٽوبر تائين سمورين پارٽين جي چونڊ آفيسن ۾ ضمني اليڪشن جون مڪمل تياريون ڪيون وڃن جاويد ناگوري چيو ته ضمني ۽ ان کان پوءِ مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجي سموري توانائي ۽ وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا هن چيو ته اسان ماضي ۾ ڪراچي ۾ ئي هڪ قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ جيڪا اسٽريٽجي اختيار ڪئي هن اليڪشن ۾ به اختيار ڪنداسين.










