نمبر پورا آهن عدم اعتماد 48 ڪلاڪن ۾ ايندي، مولانا

نمبر پورا آهن عدم اعتماد 48 ڪلاڪن ۾ ايندي، مولانا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر بي اعتمادي رٿ جو اعلان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته خزان جي موسم ختم ٿئي بهار اچي نه اچي. مولانا وڌيڪ چيو ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن انتهائي اهم آهن، سئو سيڪڙو يقين آهي ته هن ڀيري بي اعتمادي رٿ تي ضرور ڪامياب ٿينداسين، بي اعتمادي رٿ لاءِ اسان جا نمبرز پورا آهن. ظاهري طور امپائر نيوٽرل نظر اچي رهيا آهن، پر اسان کي امپائر کان ڪا به سپورٽ ناهي وٺڻي، اسانجو مقصد اهو هو ته امپائر نيوٽرل رهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، آصف زرداري ۽ نوازشريف سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيان، حڪومتي اتحادين سان به رابطي ۾ آهيون، اپوزيشن وچ ۾ ڪو به اختلاف ناهي، اپوزيشن جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي فوري طور اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو