اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن سسٽم مضبوط ڪرڻو آهي ۽ بنيادي تبديلي آڻڻي آهي ته ان جو فورم پارليامينٽ آهي، جنهن جا محسن نقوي صاحب پاڻ ميمبر آهن.سماجي رابطن واري پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته هن محسن نقوي پاران سسٽم جي بي بسي ۽ ڪسمپرسي تي خيالن جو اظهار ٻڌو آهي ۽ ذاتي طور تي هو انهن خيالن سان ڪافي حد تائين اتفاق ڪري ٿو. هن چيو ته محسن نقوي پاڻ هڪ پاور هائوس آهي، پر جيڪڏهن سسٽم کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ بنيادي تبديلي آڻڻي آهي ته ان جو اصل فورم پارليامينٽ آهي، جنهن جا نقوي صاحب پاڻ به ميمبر آهن. خواجه آصف موجب، هن معاملي کي ڪابينا ۾ به بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، جنهن سان اهي ادارا ۽ نظام مضبوط ٿيندا ۽ تبديلي آئيني عمل مان گذرندي. هن چيو ته سسٽم جي ارتقائي عمل جو پروسيس ڏهاڪن کان گروھي ۽ ذاتي مفادن جي تابع رهيو آهي، جنهن کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي. خواجه آصف اهو به چيو ته محسن نقوي پارليامينٽ ۽ ڪابينا جي اجلاسن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي شرڪت ڪندو آهي، انهن ادارن کي غير متعلق بڻائي رڳو تاجر برادريءَ کي گهرائي ايڏي وڏي ڳالهه ڪرڻ سان سندس نظر ۾ گهربل اثر نٿو پوي. هن وڌيڪ چيو ته محسن نقوي گذريل ساڍن ٽن سالن کان نظام جي انتهائي طاقتور عهدن تي فائز آهي، جيڪڏهن هو چاهي ها ته ان عرصي ۾ سسٽم ۾ تبديليءَ جي حوالي سان اڳڀرائي ڪري سگهي ها، پر تنهن هوندي به “دير آيد درست آيد” (صبح جو بھٽل شام جو گھر اچي ته ان کي ڀٽل نه چئبو). خواجه آصف نيشنل ايڪشن پلان جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ان جي 13 نڪتن جو ذڪر ڪيو هو، جن مان رڳو هڪ پوائنٽ تي عملدرآمد فوج پاران جانين جي قربانين ذريعي ٿي رهيو آهي، جڏهن ته باقي 12 نڪتا گهرو وزارت (وزارتِ داخلا) جي ذميواري آهن، جن تي عمل ناهي ٿيو. هن زور ڏنو ته محسن نقوي سسٽم ۾ تبديليءَ جو آغاز نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان ڪري ۽ پنهنجي وزارت کان سڌارا شروع ڪري؛ رڳو تاجر برادري ئي نه پر سڄي قوم سسٽم ۾ مثبت تبديليءَ لاءِ سندس سان گڏ بيٺي آهي.










