نقوي جي ڳالهه کي سنجيدهه نه وٺو،سندس بيان کي اهميت نه ڏيو

نقوي جي ڳالهه کي سنجيدهه نه وٺو،سندس بيان کي اهميت نه ڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته محسن نقويءَ جي ڳالهين کي سنجيده نہ وٺڻ گھرجي ۽ نہ ئي سندس بيان کي ڪا اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي. نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ واضح طريقيڪار موجود آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا نون صوبن جي تجويزن کي مڪمل طور رد ڪري چڪي آهي.سندس چوڻ هو ته آئين ۾ احتجاج جو طريقيڪار موجود آهي، پر ڇا احتجاج جو اهو ئي طريقو آهي ته عام عوام کي تڪليف ۾ وڌو وڃي؟ جڏهن به روڊ بند ڪيا ويندا ته قانون پنهنجي حرڪت ۾ ايندو. وڏي وزير ٻڌايو ته حڪومت مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ذخيرو ٿيل اڍائي کان 3 لک ٽن ڪڻڪ گودامن مان هٿ ڪئي آهي، ۽ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته اٽي جا اگهه نه وڌن.مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سسٽم يا نظام ناڪام ٿي ويو آهي، اهي هڪ ڀيرو ٿر جو چڪر لڳائي ڏسن، اتي ڪامياب منصوبو ڏسڻ کانپوءِ اهي اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا. پهريان چيو ويندو هو ته ٿر جو ڪوئلو فائديمند ثابت نه ٿيندو، پر سنڌ حڪومت ان ناممڪن منصوبي کي عملي طور ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو