اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي ملاقات ٿي آهي.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي وئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيا.محسن نقوي جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان هميشه پاڪستان جي مفادن کي اڳيان رکيو آهي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سندن ترجيح پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام آهي.










