اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن جاري انفرااسٽرڪچر جي بهتري واري پراجيڪٽ جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو.گهرو وزير جاري تعميراتي سرگرمين کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي وزن موجب سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي. محسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم به ڏنو ويو. هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ اصلاحات جو عمل هن سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث مانهن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو جامع ڊيٽا جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ نوڪري جي سمورن اشتهارن جي آن لائن نگراني ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته گمراهه ڪندڙ اشتهارن بابت عوامي آگاهي به يقيني بنائي ويندي. محسن نقوي هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي کي هر قسم جي منظم ڏوهه جي خلاف هر اول دستي جي طور تي منظم ڪيو وڃي ۽ اداري کي هر سطح تي مڪمل سپورٽ فراهم ڪئي وڃي. ڊي جي ايف آءِ اي وڌيڪ ٻڌايو ته اداري ۾ احتساب کي يقيني بنائڻ جي لاءِ شفاف ۽ موثر نظام واضح ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻين ايجنسيز سان ورڪنگ گروپس ۽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيز به قائم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اميگريشن، اينٽي هيومن اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي به يقيني بنايو پيو وڃي.










