نقلي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف پورهيت جو احتجاج

نقلي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف پورهيت جو احتجاج

سرحد (رپورٽر غلام عباس مهر) نقلي زرعي دوائون ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ حڪومت جي پهچ کان پري غريب پورهيتن جو خون چوسڻ لڳا انتظاميه انهن بااثر ڊيلرن سان ٻانهن ٻيلي، نقلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن ڊيلرن جي خلاف سرحد واسي پورهيت جو سرحد پريس ڪلب ۾ احتجاج،امام بخش لکڻ ۽ علي حسن لکڻ کان ڪجھ عرصو پهريان ڀاڻ وٺي جيئن فصل کي ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ فصل تباهه ٿي ويو، اهڙي دانهن ڊي سي گھوٽڪي کي پڻ ڏني آهي ليڪن تدارڪ نه ٿيو مجبورن احتجاج ڪري رهيو آهيان، بااثر ڊيلر خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي وزير اعليٰ سنڌ نوٽيس وٺي.ضلعي گھوٽڪي ۾ نقلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف حڪومت ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪري سگھي بااثر ڊيلر زرعي عملدارن سان ملي ڪري غريب پورهيتن جو رت چوسي رهيا آهن ڪيترن ڏينهن کان ضلعي گھوٽڪي جا آبادگار نقلي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن بااثرن جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جو نوٽيس ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي عثمان عبدالله پڻ ورتو آهي ليڪن انهن بااثرن خلاف هن مهل تائين ڪا ڪاروائي نه سگھي جنهن جي ڪري غريب پورهيت انهن ئي ٺڳن کان بار بار ٺڳجي رهيا آهن اهڙن بااثر ڊيلرن جي خلاف ڪچي جي ڳوٺ ٽنڊڻ جا پڙ جي رهواسي جان محمد لکڻ پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ڪجھ عرصو پهريان ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ جي ڊيلرن امام بخش ۽ علي حسن لکڻ کان ڊي اي پي ڀاڻ کنيو هو جيڪو ستن ايڪڙن تي ٻيٺل ڪڻڪ جي فصل کي جيئن ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر ڪڻڪ سڙي وئي ۽ سڄو فصل تباهه ٿي ويو انهي ڀاڻ مان ڪجھ بچيل ڊي اي پي ڀاڻ جي ليبارٽري پڻ ڪرائي آهي جنهن ۾ ڀاڻ نقلي ثابت ٿيو آهي اهڙي عمل جي دانهن ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي عثمان عبدالله کي پڻ ڏني آهي ليڪن تدارڪ نه ٿيو آهي جنهن جي ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان جڏهن ته نقلي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ بااثر مون کي خاموش رهڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن خاموش نه رهڻ تي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته انهن بااثر ڊيلرن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

:

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو