جيڪب آباد (ن سنڌيار) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ايس ايس پي خلاف دانهن ڏيڻ جو نتيجو، جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جو صدر لال چند سيتلاڻي کنڀجي ويو آھي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات جي ٻئي ڏينهن لال چند سيتلاڻي کي گرفتاري بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي، پوليس گرفتاري ظاهر نه ڪئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تھ لال چند سيتلاڻي کي ڳوٺاڻن کي نقلي زرعي دوا ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رھي تھ هندو پنچائت جي صدر گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پوليس جي ڪوڙن ڪيسز ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد تي تنقيد ڪئي هئي.










